وزيراعظم گڏ کڻي هلو، لاشن جو انتظار نه ڪريو،مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته اوهان فيصلو ڪريو ۽ ائين نه چئو ته جيڪو جيئن ڪري اها ان جي مرضي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هي سنڌ جو يا منهنجو مسئلو ناهي، عالمي وبا آهي ان کي گڏيل فيصلي سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته مونکي جيتريون گاريون ڏيڻ چاهيو ڏيو پر هن عالمي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهيو. هن چيو ته مان فيصلو ڪريان ٻيا نه مڃين ته ان جو نقصان ٿيو آهي ۽ اڃا ٿيندو. 26 فيبروري تي سنڌ م پهريون ڪيس طاهر ٿيو ته اڳئين ڏينهن ٽاسڪ فورس جوڙي ان ۾ حڪومت ۽ نجي شعبي جي ماهرن کي شامل ڪيو، روزانو ميٽنگس ڪري اپاءَ ورتا، وفاقي حڪومت نه مڃيا پر باقي ٻين سڀني صوبن سنڌ کي فالو ڪيو. هن چيو ته دنيا جي تجربن مان سکي اڳتي وڌڻو پوندو، لاڪ ڊائون جو فائدو ٿيو پر جيڪڏهن وفاق ان جي مخالفت نه ڪري ها ته اڃا اهو وڌيڪ موثر ثابت ٿئي ها. وڏي وزير ان وقت پريس ڪانفرنس ڪئي جڏهن وزيراعظم ڪورونا وائرس بابت نيشنل ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت پيو ڪري. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي وزير فيصل وائوڊا چيو هو سنڌ حڪومت جي نا اهلي سبب وائرس جا ڪيس صوبي ۾ وڌي رهيا آهن. جنهن جي فوري بعد ناصر شاهه ۽ سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪري ناڪامي جي ذميواري وفاقي حڪومت تي وڌي هئي. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن لاڪ ڊائون غلط آهي ته وزيراعظم ٻيو رستو ٻڌائي؟. هن چيو ته 13 مارچ تي وزيراعظم اجلاس گهرايو، مون چيو ته ويڊيو ڪانفرنس ذريعي ڪريو پر ان باوجود مان ويس ۽ سنڌ جو موقف رکيو. مون لاڪ ڊائون جي تجويز ڏني هنن نه مڃيو جيڪڏهن ان وقت عمل ٿئي ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها. وائرس ڦهلجي ويو ته معاملو هٿن مان نڪري ويندو ۽ اسين ڪجهه نه ڪري سگهنداسين. هن چيو ته پهرين اپريل تي شهر بند ڪرڻ جو فيصلو ٿيو پر افسوس ته 3 اپريل تي ڪجهه صوبن ڪجهه صنعتون کولڻ جو اعلان ڪيو. هن ٻڌايوته ڊبليو ايڇ او ٻه ڏينهن اڳ چيو آهي ته رڳو سنڌ سندن طريقي مطابق ٽيسٽ ڪري پئي. هن چيو ته ڏا جڏهن لاشن جا ڍير لڳندا ته پوءِ اسين متحد ٿينداسين؟ هن چيو ته دهشتگردي خلاف هڪ پيج تي تڏهن آياسين جڏهن آريم پبلڪ اسڪول جو واقعو ٿيو ڇا هاڻي به لاشن جو انتظار ڪندا؟ وزيراعظم کي گذارش آهي ته سڀني کي گڏ کڻي هلو.

پهنجو تبصرو موڪليو