اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ قدرتي ماحول جي بهتري لاءِ قوم کي وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان گرين فنانسنگ انوويشن تقريب کي خطاب ڪندي قوم کي اپيل ڪئي آهي ته هو ملڪ ۾ وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺي. هن چيو ته اسان 10 ارب وڻ لڳائڻ جو حدف مقرر ڪيو آهي ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو عمل عوامي تعاون سان ئي مڪمل ٿيندو. اسان کي پنهنجي نسلن جي لاءِ پاڪ صاف پاڪستان ڏيڻو آهي.وزيراعظم چيو ته اسان ريگستاني علائقن ۾ به وڻڪاري مهم شروع ڪئي آهي. ڇو ته ريگستاني علائقن ۾ وڻ لڳائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪ صاف ماحول ايندڙ نسلن جي لاءِ ضروري آهي ۽ خوشي آهي ته ملڪ ۾ وڻڪاري مهم بابت آگاهي پيدا ٿي رهي آهي. ماحوليات جي بهتري لاءِ ٻيلا تمام گهڻو ضروري آهن. عمران خان چيو ته عالمي جدت جي ڳالهه تي ماڻهو کلندا هئا ۽ غير سنجيده وٺندا هئا. آسٽريليا ۽ آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ باهه لڳڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن. گلوبل وارمنگ کان بچاءُ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسان جيڪڏهن اڄ ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ ڪڏهن به ڪجهه نه ڪري سگهنداسين.
ڪڪڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
پي ايس 80 تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29