نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جو افتتاح ، 135000 گهر ٺهندا

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان “ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم” جو افتتاح ڪري ڇڏيو، پهرين مرحلي ۾ هڪ لک پنجٽيهه هزار گهٽ قيمت وارا گهر ٺهندا. جنهن مان هڪ لک ڏهه هزار گهر گوادر جي مهاڻن ۽ پنجويهه هزار اسلام آباد ۾ پگهاردار ۽ گهٽ آمدن وارن ماڻهن لاءِ ٺاهيا ويندا. اسلام آباد ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ ناڻي ۽ هائوسنگ جي وزيرن سميت اهم سخصيتن جي شرڪت. وزيراعظم چيو ته هائوسنگ سندس ترجيحات ۾ شامل نه هو، پهرين ترجيح تعليم ۽ صحت هئي پر ڪچين آبادين ۾ بنيادي سهولتن کانسواءِ رهندڙ غريبن جي حالت ڏسي هن شعبي کي اهميت ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ گهرن جي ضرورت آهي ۽ ڪچين آبادين ۾ چاليهه منزله عمارتون ٺاهي غريبن کي بهتر رهائشي سهولتون ڏينداسين. هن چيو ته نجي شعبي جي ڪافي ڪمپنين هائوسنگ اسڪيم م دلچسپي ظاهر ڪئي آهي ۽ هڪ چيني ڪمپني ته چيو آهي ته هو هر هفتي هڪ ماڙ ٺاهيندا. اسد عمر چيو ته سستي قرض تي بئنڪون فنانسنگ ڪنديون ۽ ڪنسٽرڪشن جي شعبي سان چاليهه ٻيون صنعتون جڙيل آهن. هن اسڪيم سان هڪ پاسي معاشي خوشحالي ايندي ۽ هزارين روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو