وزيراعظم 1 ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم پاڪستان عمران خان 1 ڏيهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿي چڪو آهي. دفتر خارجه مطابق هڪ ڏينهن واري دوري ۾ وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقاتون ڪندو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت وچ ۾ باهمي تعاون ۽ خطي جي صورتحال تي مشاور ڪئي ويندي. ذريعن مطابق وزيراعظم سعودي قيادت سان ملاقات دوران ملائيشِا ۾ ٿيندڙ او آءِ سي ڪانفرنس حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو ان کان علاوهه ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدن تي عملدرآمد متعلق پيش رفت به ڳالهين جو امڪان آهن. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان 2 ڏينهن اڳ 3 ملڪن جي دورن تي روانو ٿيڻو هو پر ملڪي صورتحال جي پيش نظر هن پنهنجي شيڊول ۾ تبديلي ڪئي. وزيراعظم سوئيزرلينڊ به ويندو جتي هو جنيوا ۾ مهاجرن متعلق عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندو ۽ پوءِ ملائيشيا ۾ ٿيندڙ او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ بعد واپس وطن ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو