وزيراعظم عمران خان کي بحرين جو اعليٰ ترين سول ايوارڊ عطا

منامه (ويب ڊيسڪ) بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان کي بحرين جي اعليٰ ترين سول اعزاز عطا ڪيو. اعزاز ڏيڻ جي تقريب گادي واري شهر منامه جي سخير محل ۾ منعقد ٿي. ان کان اڳ وزيراعظم جو بحرين جي ولي عهد استقبال ڪيو.

وزيراعظم بحرين جي بادشاهه جي دعوت تي قومي تقريب ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو