امداد بدران پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪريون پيا، خان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو آهي. وزيراعظم شپ يارڊ ۾ شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر سسٽم جو افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ سٺي ڳالهه ٿي آهي ته اسين ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته اسانکي پرڏيهي امداد تي زندهه رهڻ بدران پنهنجي وسيلن تي انحصار ڪرڻو پوندو ۽ هر شعبي ۾ قوم جو پيسو بچائڻو آهي ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻا آهن. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته ملڪ صحيح رستي تي آھي، پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون، خوشي ٿي جو اسان ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون، بيساکي تي هلڻ سان ڪمزوري وڌي ويندي آهي، قوم پنهنجي پيرن تي بيهندي آهي ته الله تعاليٰ کين مضبوط ڪندو آهي، بدقسمتي سان پاڪستان تيزي سان ترقي نه ڪري سگهيو، هاڻي پاڪستان صحيح دڳ تي اچي ويو آهي. اسان جو رڪارڊ خسارو گھٽ کان گھٽ ٿي ويو آھي، اسان مني لانڊرنگ روڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون، ڪوشش آھي تھ غيرقانوني طور تي ڊالر ملڪ کان ٻاھر نھ وڃي، پوري دنيا ۾ ڪرپٽ حڪمران پئسو ملڪ کان ٻاھر موڪليندا آھن، پنھنجي ملڪ جو پئسو بچائڻو آھي نيول چيف ايدمرل امجد نيازي، دفاعي پيداوار جي وزير زبيده جلال سندس استقبال ڪيو. اسد عمر، عمران اسماعيل به زيراعظم سان گڏ هئا. پروگرام مطابق وزيراعظم ڪي پي ٽي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪندو ۽ ان بعد بلوچستان رواني ٿي ويندو جتي وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺندو.

پهنجو تبصرو موڪليو