وزيراعظم آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرجو دورو سيڪيورٽي تي بريفنگ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان وفاقي وزيرن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ٻين فوجي اڳواڻن سان گڏ انٽر سروسز انٽيليجنس آءِ ايس آءِ جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي کيس قومي ۽ علائقائي سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم آفيس پاران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن کي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.وزيراعظم عمران خان سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ، منصوبابندي واري وزير اسد عمر ، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا ، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان ،. نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا سان گڏ آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل ڊي جي آئي ايس آئي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڊائريڪٽوريٽ جنرل آءِ ايس آءِ ۾ آمد  ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو.وزيراعظم جي آفيس مطابق اجلاس ۾ قومي ۽ فوجي قيادت کي علائقائي ۽ قومي صورتحال تي تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. وزير اعظم قومي سلامتي کي درپيش چئلينجن کي حل ڪرڻ ۾ آءِ ايس آءِ جي پيشه ورانه  صلاحيتن جي تعريف ڪئي. ياد رهي ته ڪالهه هڪ نجي ٽي وي  کي انٽرويو  ۾ وزيراعظم عمران خان چيو هو ته آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي منهنجي سڀني سرگرمين کان باخبر آهي ۽ آئون بنا ڪنهن دٻاءُ جي ڪم ڪري رهيوآهيان .هن چيو ته گهرو ۽ پرڏيهي معاملن بابت سموري پاليسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي آهي ۽ مون تي فوج جو ڪوبه دٻاءُ ناهي.هن چيو هو ته جيڪڏهن فوج مون تي دٻاءُ وڌو ته آئون ان جي مخالفت ڪندس پر فوج ڪڏهن به مونکي ان ڪم ڪرڻ کان ناهي روڪيو جيڪو آئون ڪرڻ چاهيندو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو