وزيراعظم، شبنم گل کي هٽائي ڇڏيو، مٿس ادبي چوري جوالزام؟

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) موسمياتي تبديلي واري وزير زرتاج گل پاران پنهنجي ڀيڻ شبنم گل کي نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي يعني نيڪٽا ۾ گريڊ 19هين ۾ ڊيپوٽيشن تي ڊائريڪٽر لڳائڻ وارين خبرن جو نوٽيس وٺندي وزيراعظم کيس هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان مملڪتي وزير زرتاج گُل کي هدايت ڪئي ته هو ان ڏس ۾ لکيل ليٽر واپس وٺي ڇو ته پنهنجا نوازڻ اسانجي پاليسي جي خلاف آهي. سوشل ميڊيا تي ان ڏس ۾ ڪافي تنقيد ٿي رهي هئي. جنهن بعد وزيراعظم نوٽيس ورتو. ٻئي پاسي مملڪتي وزير زرتاج گُل جي ڀيڻ شبنم گُل جي ڊائريڪٽر طور مقرريءَ جي حوالي سان نيڪٽا وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته شبنم گُل جي ڊائريڪٽر طور مقرري سئو سيڪڙو ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وئي آهي. زرتاج گل جي بقول ته سندس ڀيڻ پي ايڇ ڊي اسڪالر آهي ۽ 2001 کان 2013 تائين پاڪستان م ٿيندڙ دهشتگردي بابت پي ايڇ دي ٿيسس لکي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شبنم گل لاهور جي تعليمي اداري ۾ 18 گريڊ ۾ اسسٽنت پروفيسر طور ڪم ڪري پئي ۽ هن پنهنجي ساٿي سان گڏ ڪشمير جي تاريخ بابت ڪتاب پڻ لکيو هو. جنهن بابت چيو ويو ته هن اهو مختلف ليکڪن جا مّمون چورائي انهن جو حوالي ڏيڻ بنا پنهنجي تحقيق ڪري پيش ڪيو، جنهن تي سندس تدريسي خدمتن تي پابندي هنئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو