ورلڊ ڪپ فيورٽ انگلينڊ کي سريلنڪا هارائي ڇڏيو

لنڊن (م ڊ) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي 27 هين ميچ ۾ سريلنڪا هاٽ فيوريٽ انگلينڊ کي دلچسپ مقابلي بعد 20 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ليڊز ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ سريلنڪا جي 233 رنسن جي جواب ۾ ميزبان ٽيم 212 رنسن تي ڍير ٿي وئي، هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ 397 رنسن جو رڪارڊ هدف ٺاهيندڙ انگلش بيٽنگ لائن سريلنڪا خلاف ٻوٽو نه ٻاري سگهي. سريلنڪن بالرن شروعات کان ئي مخالف بيٽسمين کي دٻاءُ ۾ رکيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪابه وڏي پارٽنرشپ قائم نه ٿي سگهي. انگلينڊ طرفان بين اسٽوڪس 82 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. جڏهن ته جو روٽ 57 ۽ ڪپتان مورگن 21 رنسون ئي ٺاهي سگهيا، اوپنر ونس 14، بيرسٽوو ٻُڙي، بٽلر 10، معين علي 16، ووڪس 2، عادل رشيد هڪ، آرچر 3 ۽ ووڊ بنا ڪو اسڪور ڪرڻ جي پويلين موٽيا. سريلنڪا جي تجربيڪاربالر ملنگا 4 وڪيٽون وٺي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ڊي سلوا 3، ادانا 2 ۽ پرديپ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، ملنگا کي بهترين ڪارڪردگي تي مين آف ميچ قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو