ورلڊ ڪلاس فٽبالر رونالڊو مانچسٽر ڪلب جوائن ڪري ڇڏي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پرتگال ڄائو ڪرسٽيانو رونالڊو  پنهنجي ڪلب يوونٽس کي ڇڏي مانچسٽر يونائيٽيڊ فٽ بال ڪلب جوائن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اڳ ۾ ليونل ميسي پنهنجي بارسلونا ڪلب ڇڏي هئي. مانچسٽر يونائيٽيڊ جي ترجمان چيو آهي ته اسان لاءِ وڏي خبر اها آهي ته دنيا جو عظيم فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ڪلب جوائن ڪئي آهي. اسين سندس پراڻي ڪلب کي 33 ملين يورو ادا ڪنداسين ۽ هر سال رونالڊو کي 25 ملين يورو ادا ڪيا ويندا. ياد رهي ته رونالڊو 12 سال يوونٽس ڪلب لاءِ کيڏندو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو