وردي ۾ پوليس اهلڪار کي ٿڦڙ هڻندڙ صحافي جو پٽ گرفتار

ميرپورماٿيلو(ن س) فيميلي پارڪ اڳيان موٽرسائيڪل بيهارڻ کان روڪڻ تي غلام آباد محلي واسي نوجوان محمد حسن ملڪ جيڪو صحافي جو پٽ آهي، تنهن وردي ۾ بزرگ پوليس اهلڪار عبدالڪريم گبول کي چماٽ هنئي هئي. چماٽ وارو معامرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي گھوٽڪي فرخ علي لنجار نوٽيس ورتو آهي، جنهن بعد ميرپورماٿيلو پوليس نوجوان محمد حسن ملڪ کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، سپاهي عبدالڪريم گبول جي فرياد تي نوجوان محمد حسن ملڪ خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ ڌمڪين جي ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو