واپاري پاران ڪوڙو چيڪ ڏيڻ تي عدالت ۾ ڪيس داخل

نوشھروفيروز( اسد خادم عمراڻي) چوپائي مال جي واپار جي ڏيتي ليتي جي حوالي سان صحافي فيصل ڀٽ الزام هنيو آهي ته واپاري مير محمد ڀٽي ساڻس فراڊ ڪندي ڪوڙو چيڪ ڏنو آهي. هن صحافين کي ٻڌايو ته  واپاري 8 لک روپين جي ماليت جو چوپايو مال وٺي کيس 90 هزار روڪ رقم  ڏئي  بقايا 7 لک 10 هزار جو چيڪ ڏنو. جڏدن چيڪ مورو بئنڪ تي موڪليو ته مئنيجر چيو ته اڪائونٽ ۾ پئسا ئي ناهن ۽ هن ان جو ليٽر به ڏنو آهي. جيڪو کڻي نوشهرو فيروز ٿاڻي تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪرائڻ آيو  ته ٿاڻي تان خاطرخواھ موٽ نه ملڻ جي ڪري فريادي اڄ ڪورٽ سڳوري  ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن ۾ ڪورٽ سڳوري ايس ايس پي کان رپورٽ  طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو