واپارين جي تحريڪ، هارن وڄايو حڪمران جاڳايو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ جي واپارين هارن وڄايو، حڪمران جاڳايو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڄ سمورا قافلا زيرو پوائنٽ اسلام آباد مان هارن وڄائيندي وزيراعظم هائوس ڏانهن ويندا ۽ اتي پهچي چارٽر آف ڊيمانڊ پيش  ڪندا. واپارين جو چوڻ آهي ته حڪومت لاڪ ڊائون جو وقت وڌائي واپارين سان ظلم ڪيو آهي. هنن چيو ته جڏهن هوٽل، مارڪيٽ، ڪنسٽرڪشن ۽ ٻيا ڪاروبار کلي ويا آهن ته پوءِ سندن مٿان پابندي ڇو آهي. پاڪستان انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ جو چوڻ آهي ته آچر تي شام 4 وڳي سڄي ملڪ جا واپاري وزيراعظم هائوس جي سامهون هارن وڄائي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. بلوچستان،،خيبرپختونخواهه، ، سنڌ، پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ جا واپاري نمائندا 3 وڳي زيرو پوائنٽ اسلام آباد تي گڏ ٿيندا. اجمل بلوچ چيو آهي ته احتجاج جو مقصد صرف ۽ صرف واپارين کي بچائڻ آهي. هن چيو ته  گذريل 4 مهينن کان لاڪ ڊائون جي نالي تي صوبن ۽ وفاق ۾ جهيڙو هلندڙ آهي هنن جي سياسي جهيڙي ۾ واپاري پريشان آهن ۽ لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو