واپارين جو ساريون گھٽ اگهه ۾ خريد ڪرڻ وارو الزام غلط آهي: سيٺ نند لال

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: غالب بلوچ ) اناج منڊي ايسوسيئيشن جي صدر سيٺ نند لال.ملرز اينڊ ٽريڊرز ايسوسيئيشن جي صدر مرلي ڌر. ويچوال ايسوسيئيشن جي صدر پرمانند .گھنشام داس . اوم پرڪاش ۽ وريل داس صحافين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته واپارين جو  ساريون گھٽ اگهه ۾ خريد ڪرڻ وارو الزام غلط آهي ھنن چيو ته جيتوڻيڪ ٻين شهرن ۾ سارين جو اگھ 50 رپيا في مڻ وڌيڪ خريد ڪيو وڃي ٿو پر آبادگارن کان في مڻ تي هڪ ڪلو ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي سارين جي رقم هڪ مهينو دير سان ڏيڻ سان گڏوگڏ هڪ لک رپين مان 600 رپيا ٽيڪس ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي پر ڪنڌڪوٽ جي اناج منڊي ۾ واپارين پاران ڪٽوتي نٿي ڪئي وڃي ۽ نه وري ڪٽي جي رقم ڪاٽي وڃي ٿي ۽ آبادگارن کي پيمينٽ به موقعي تي ڪيش جي صورت ۾ ڪئي وڃي ٿي هنن چيو ته ٻين شهرن ۾ سارين جي پهچ رائيس ملن تائين ڪئي وڃي ٿي پر اناج منڊي ۾ ان لاٿو وڃي ٿو ۽ ملن تائين ساريون پهچائڻ جو خرچ به واپاري ڀرن ٿا. هنن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ آبادگارن کان گھٽ رقم ۾ ساريون خريد ڪرڻ واريون شڪايتون اجايون آهن هنن وڌيڪ چيو ته واپارين مٿان گھٽ اگھ ۾ ساريون خريد ڪرڻ وارو الزام لڳائي کين اجايو تنگ ڪيو پيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو