واٽر ڪورس تي پُل ٺاهيو، شاگردن جو احتجاج

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون) تعلقي ٽنڊوباگو جي يونين ڪائونسل ملڪاڻي شريف جي ڳوٺ سائين ڏنو جوڻيجو جي سارنگ فقير پاڙي جي رهواسين ۽ شاگردن پاران اسڪول ۽ قبرستان جو روڊ رستو ۽ پل نه هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. مظاهرين شوڪت جوڻيجو، الله بچايو، يعقوب علي ۽ شاگردن عمران علي، اياز، وقاص ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  اسڪول جو روڊ رستو ۽ واٽرڪورس جي پل نه هجڻ ڪري اسڪولي شاگرد وڏي مشڪل مان گذري اسڪول پهچن ٿا ڪيترائي ڀيرا معصوم شاگرد واٽرڪورس ۾ ڪري زخمي ٿيا آھن ۽ والدين پريشاني سبب روزانو اسڪول ڇڏي پوء ڪم ڪارن تي وڃڻ تي مجبور آھن ڪيترائي شاگرد خوف ۽ مشڪلاتن سبب اسڪول وڃڻ بدران مال چاري گهر ويهڻ تي مجبور آھن انهن وڌيڪ چيو ته قبرستان جو رستو نه هجڻ ڪري وڏين مشڪلاتن مان گزري فوتي کي قبرستان پهچايو وڃي ٿو اسان پنهنجي چونڊيل نمائندن کان نوڪريون ۽ وڏين اسڪيمن وارا ترقياتي ڪم نٿا گهرون اسان کي فقط ڏيڊ ڪلو ميٽر روڊ ۽ پل کپي ٿي اسان جو مسئلو حل ڪرائي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان پنهنجي ٻارن کي پوليو فڙا نه پياري بائيڪاٽ ڪري چونڊيل نمائندن جو گهيراء ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو