واٽر سپلاءِ جون 16 سولر پليٽون چوري، پيئڻ جو پاڻي بند

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) انڙپور ۾ اڻڄاتل چور واٽر سپلاءِ اسڪيم جون 16 سولر پليٽون چورائي فرار ٿي ويا پبلڪ هيلٿ کاتي جي انتظامي لاپرواهي سبب اسڪيم تي نجي من پسند ملازم مقرر هئڻ سبب چور آساني سان ٻن مرحلن ۾  5 لک ماليت تائين جون پليٽون چوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر کاتي طرفان ڪوبه ڪيس داخل نه ڪرايو ويو ۽ راڄوڻي طور پنج پليٽن جي واپسي جي آسرو ڪرڻ لڳا جنهن سبب 10 هزار کان وڌيڪ آبادي جي پيئڻ جو پاڻي بند ٿي ويو جنهن سان رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئڻ لڳا وڌيڪ عيد تائين به پاڻي بحال نه ٿيڻ جي خدشي کين عذاب ۾ وجهي ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي سب انجنيئر پبلڪ هيلٿ شفقت ميمڻ ٻڌايو ته ڪنهن تي بنا ثبوت جي الزام نٿا هڻي سگهون باقي ڪوشش ڪري راڄوڻي طريقي سان پليٽون واپس ڪرائبيون باقي جلد بجلي جا موٽر لڳائي پاڻي بحال ڪرائبو. پوليس پوسٽ انچارج غلام مصطفي ڀلائي ٻڌايو ته تيز طوفان ۾ ڪجهه پليٽون ڪري پيون جيڪي ڳوٺاڻا ملازم ئي گهر کڻي ويا هئا ۽ بعد ۾ چوري ٿيڻ جي صرف شڪايت ڪندا رهيا. ذريعن موجب پبلڪ هيلٿ کاتي مسئلي مان جان ڇڏائڻ لا۽ من پسند نجي ملازمن کي اسڪيم حوالي ڪئي آھي جنهن سبب وڏي عرصي کان مختلف پارٽس جي چوري به معمول بڻيل آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو