واٽر سپلاءِ جا موٽر سڙي ويا، جر کارو، ماڻهو پاڻي لاءِ پريشان

ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير) جروار ۾ ٻن هفتن کان واٽرسپلاء جا موٽر سڙيل هجڻ ڪري شھر ۾ پاڻي جي سپلاء بند هجڻ تي شھرين خالي مٽ ۽ڪولر کڻي احتجاج ڪيو. پريس ڪلب جروار آڏو شھرين غلام بوزدار وڪي ڍوليا ڪيلاش راء ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ,پبلڪ هيلٿ انجنيئر ۽ايس ڊي او خلاف ناريبازي ڪئي ويئي. ٻن هفتن کان واٽرسپلاء جا 2موٽر سڙيل آھن انجنيئر ۽ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ آڏو ڪيترائي دفعا دانهيو پر هن مهل تائين موٽر ٺھرائي نه ٿا ڏين , مظاهرين جر کارو هجڻ ڪري شھري قهر جي گرمي ۾ پاڻي جي ڦڙي لاء پريشان آھن ,پر ڪامورا واٽرسپلاء بند ڪري گهرن ۾ آرامي آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو