واهه جا ڪپر کاڄي ويا، اريگيشن جي لاپرواهي،روز حادثا

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون )وچ شھر مان وهندڙ باگو واھ جي ٽنڊوباگو، بدين ۽ جھڏو باءِ پاس پل ڀرسان روڊ جي ڪپرن کي واھ جي وهڪري ۽ چوپائي مال خطرناڪ حد تائين ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي . ايريگيشن عملي پاران نهر بندي دوران مبينا طور واھ مان مٽي وڪرو ڪرڻ سبب پڻ ٻنهي پاسن جا ڪپر کاڄي ويا آھن، جنهن سبب ڪنھن به وقت ڪو وڏو جاني ۽ مالي حادثو پيش اچي سگھي ٿو.

Photo Sindhyar

جڏھن ته واھ تي باء پاس پل وٽ موڙ سبب اڪثر حادثا پڻ پيش ايندا رهندا آھن،  وچ شھر مان وهندڙ باگو واھ جا ڪپر انتهائي ڪمزور هجڻ ڪري امڪاني برساتن سبب گھارا پوڻ جو پڻ وڏو خدشو آھي جنهن ڪري ھڪ لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شھر ٻڏڻ جي خطري کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي۔ هتان جي سڄاڻ ڌرين  روڊس کاتي جي اعليٰ عملدارن، ايريگيشن کاتي ،ڊي سي بدين ۽ سيشن جج بدين سميت وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته جلد نوٽيس وٺي ترت ڄاڻايل ڪپرن جي برساتن کان اڳ مناسب مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن شھر ٻڏڻ ۽ وڏي جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگھي

پهنجو تبصرو موڪليو