واهن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون)آبپاشي سب ڊويزن خير پور گمبوہ جي شاخن، جرڪس، کوسڪي، سانگي، ٻنگار، آئيلپور، خيرپور، باگو مائينر، علي آباد ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي کوٽ ۽ وارا بندي ختم نہ ٿي، سنڌآبادگار تنظيم خيرپور گمبوہ جي آبادگارن صدر محمد علي لسڪاڻي، طارق محمود آرائين، لطف علي ملڪاڻي، انور راجپوت، نيڪ محمد احمداڻي، محمد امين شورو، اشرف جوڻيجو، اصغر پتافي، صفدر راجپوت عبدالرزاق دلواڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنگريو، جھڏو روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، آبادگارن ھٿن ۾ بينر کڻي آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي، آبادگارن چيو ته آبپاشي عملدارن کي اٺن ڏينھن ۾ پاڻي کوٽ ۽ وارا بندي ختم ڪرڻ لاء چيو ھو پر آبپاشي عملدارن نه پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي ۽ نه ئي وارا بندي ختم ڪئي ھنن چيو ته ھتي واھن ۾ پاڻي جي ڪابه کوٽ نه آھي پر آبپاشي عملدار شاخن ۾ ھٿرادو پاڻي جي کوٽ ڪري پوکيل فصل سڪائي رھيا آھن، جنھن سبب آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿي رھيو آھي، ھنن چيو ته پاڻي جي حاصلات لاء احتجاج جاري رھندو ۽ ڪورٽ ۾ ڪيس پڻ داخل ڪرائينداسين۔

پهنجو تبصرو موڪليو