والاريل ڪشمير ۾ ڦاٿل 350 ڇوڪرين بابت رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شادي ڪري والاريل ڪشمير ويندڙ 350 پاڪستاني ڇوڪرين جي ڦاسڻ بابت داخل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. عدالت  درخواست گذار کي پڻ ڄاڻايل عورتن جون درخواستون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم سومر تي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته والاريل ڪشمير سان تعلق رکندڙ سوين شهرين پاڪستاني عورتن سان شاديون ڪيون ۽ ڀارت طرفان ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ بعد پاڪستاني ڇوڪريون سخت پريشان آهن. عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا انهن عورتن اوهان سان پاڻ رابطو ڪيو آهي جنهن تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان سان اتي موجود ڇوڪرين ۽ سندن والدين رابطو ڪيو آهي. عدالت والاريل ڪشمير ۾ موجود پاڪستاني عورتن جا تفصيل طلب ڪندي درخواستگذار کي پڻ عورتن جون درخواستون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو