والاريل ڪسشمير ۾ بدترين ظلم علائقائي امن لاءِ خطرو آهي، باجوا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بحران پيدا ڪري رهيون آهن. اهڙو اظهار هن ڀارت جي طرفان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي پاڪستان ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهائڻ واري موقعي تي جاري ڪيل بيان م ڪيو آهي. اڄ پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جلوس ڪڍيا پيا وڃن ۽ جمون ڪشمير وادي ۾ مڪمل هڙتال آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ بدترين رياستي جبر جاري آهي ۽ والاريل وادي ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بحران پيدا ڪري رهيون آهن، آرمي چيف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلم ۽ بربريت علائقائي سلامتي ۽ امن لاءِ خطرو آهي، ڪشميري عوام جي خواهش ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلي جو حل خطي ۾ امن ۽ اسحتڪام جي لاءِ ضروري آهي، ڪشميرين جي خواهشن مطابق تڪرار ختم ڪرڻ کانسواءِ امن ممڪن نه آهي، جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ، ڊيموگرافڪ تبديلي سيڪيورٽي ڪرائسز پيدا ڪري رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو