واري ۾ پوريل نوجوانن جا ناقابل شناخت لاش هٿ

خانپورمهر(ن س) سردار ڳڙهه ستيارو چڪ نمبر هڪ جي علائقي ۾ ٻن نامعلوم شخصن جا لاش هٿ آيا آهن، مليل ڄاڻ موجب، ريگستاني علائقي جي واري ۾ پوريل لاشن کي ڪڍڻ لاءِ جانور کڏ کوٽي رهيا هئا ته اتان جي علائقي واسين پهچي لاش ڏٺا، فوري طور خانپورمهر پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن تي خانپورمهر پوليس ميونسپل عملو ساڻ ڪري ڄاڻايل هنڌ پهتي. جتي خانپورمهر پوليس چيو ته هي حد  داد لغاري ٿاڻي جي آهي. داد لغاري پوليس کي طلب ڪيو ويو ۽ هڪ ڪلاڪ تائين ٻنهي ٿاڻن وچ ۾ حد بندي جو تڪرار هلندو رهيو، نيٺ حد داد لغاري ٿاڻي جي ڪليئر ڪئي وئي، جنهن بعد کوٽائي ڪري ٻئي لاش ڪڍي داد لغاري پوليس حوالي ڪيا ويا. پوليس موجب لاش پنج کان ڇهه ڏينهن پراڻا آهن، جڏهن ته ٻنهي شخصن جي عمر 25 کان 30 سال جي وچ ۾ آهي ۽ ٻنهي کي ڏاڙهي رکيل آهي، ٻنهي ڄڻن جي جسمن تي ڪي به واضح نشان نه آهن ٿي سگهي ٿو ته کين گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس لاش سرد خاني ۾ رکرايا آهن سڀاڻي تائين ڪو وارث جاڳيو ته ٺيڪ نه ته امانتن دفنايا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو