وات ۽ ڏندن جي مريضن جي علاج لاءِ مفت ڪيمپ قائم

ٺٽو  (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) ضلعي جي هردلعزيز سماجي شخصيت انسان دوست ۽ مسيحائي ڪردار جي حيثيت رکندڙ ڏندن جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر شيام ڪمار پاران ضلعي ٺٽي جي ڏتڙيل ساحلي پٽي جي شھر  ڪيٽي بندر ۾ اڄ  وات ڏندن جي بيمارين جي مفت علاج لاءِ  ڊينٽل ڪيمپ لڳائي وئي. جنھن ۾ سوين مريضن جو علاج جاري آھي ۽ داوائون پڻ مفت ۾ ڏنيون پيون وڃن جڏھن تـ ڪيمپ ۾ ٻين ڊاڪٽر سان گڏ ڊاڪٽر شيام ڪمار پڻ پنھنجون خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آھن ياد رھي تـ ضلعي ٺٽي ۾ ـ گٽڪي ـ پان ـ مين پڙي ۽ جي اين ڊي جھڙي موتمار نشي جي عام جام واھپي ۽ ضلعي ۾ موجود عام جام ھلندڙ گٽڪا فيڪٽرين تي حڪومت سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا پاران ڪاروائي نـ ٿيڻ سبب ضلعي جا نـ رڳو ھزارين نوجوانن ـ پوڙھن ـ عورتن پر ٻارن پاران ھن زھر کي واپرائڻ سبب ھزارين ماڻھن کي وات جي ڪينسر جو مرض وڪوڙي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو