وائلڊ لائيف، واڳون پڪڙي سفاري پارڪ ۾ ڇڏي ڏنو

سکر (جيرام داس ) سرحد لڳ ڳوٺ ۾ واڳون جي موجودگي جو اطلاع، وائلڊ لائف کاتي جو 8 ڏينهن جي آپريشن بعد 5 فوٽ ڊگهو واڳون پڪڙي سفاري پاڪ حوالي ڪري ڇڏيو. گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ پيارو لغاري واري علائقي ۾ ڳوٺاڻن پاران وائلڊ لائيف کاتي کي ڳوٺ ۾ واڳون موجود هجڻ جو اطلاع ڏنو. جنهن بعد وائلڊ لائيف کاتي سکر جي ڊپٽي ڪنزرويٽر عدنان حامد جي اڳواڻي ۾ ڪاروائي ڪري واڳون کي پڪڙيو ويو . ان ڏس ۾ وائلڊ لائف کاتي سکر جي ڊپٽي ڪنزرويٽر صحافين کي ٻڌايو ته اطلاع بعد وائلڊ لائف کاتي جي خصوصي ٽيم جوڙي وئي, 8 ڏينهن جي مسلسل ڳولا بعد واڳون پڪڙيو ويو آھي پڪڙ جنهن جي عمر اٽڪل 8 سال ۽ ڊيگهه 5 فوٽ آھي. پڪڙيل واڳون کي سرحد لڳ صوفي انور شاھ سفاري پارڪ ۾ واڳن لاء قائم سينٽر ۾ ڇڏيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو