وائرس ۾ واڌ، سرڪاري آفيسن ۾ اسٽاف گهٽائڻ ۽ ملاقات تي پابندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي شرح ۾ واڌ بعد ڪراچي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي وزيراعليٰ هائوس سميت سرڪاري آفيسن ۾ عملو گهٽائڻ ۽ ملاقاتين جي اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آھي، ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ضروري آفيسون کليل رهنديون. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ جي اختيارين پاران وزيراعليٰ جي هدايتن بعد حڪم نامو جاري ڪندي چيو ويو آھي تھ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ رڳو سي ايم ڪوآرڊينيٽر، پرسنل سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري، سمورا ايڊيشنل سيڪريٽري، سينيئر ميڊيڪل آفيسر جون آفيسون کليل رهنديون. بند ٿيل آفيسن جا ملازم ۽ آفيسر گھر ويٺي ڪم ڪار ڪري سگھندا. ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب سول اسپتال انتظاميه رٿيل سمورا آپريشن معطل ڪري ڇڏيا. سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نور محمد سومرو آفيس آرڊر جاري ڪندي چيو آھي تھ اسپتال جو عملو به ڪورونا ۾ وڪوڙجي رهيو آهي، انهي ڪري آپريشن معطل ڪيا وڃن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو