هڪ گرمي ٻيو بجلي ناهي، ڪلارڪ قميض لاهي ويهي رهيو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ريجنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ جي جونيئر ڪلارڪ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، تصويرن ۾ جونيئر ڪلارڪ عبدالرزاق سولنگي بنا قميض جي آفيس ۾ ويٺل نظر اچي ٿو، سندس چوڻ آهي ته غضب جي گرمي آهي ۽ بجلي به بند آهي ڇا ڪريون؟سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصويرن تي سوشل ميڊيا صارفين پاران سخت تقنيد ڪئي پئي وڃي ۽ مختلف پوسٽون پڻ رکيون ويون آھن. سنڌ حڪومت هن معاملي جو نوٽيس ناهي ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو