هڪ ڏاند ۽ 5 مينهون چوري، ڏينهن جو پوليس رات جو چور

ڪشمور )جي ايم کوسو (چورن تر تپائي ڇڏيو ھڪ ئي رات ۾ ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ ٻه چوري جون وارداتون ٿي ويون، سوئي گيس محله جي رھواسي خميسو ڀٽي جي گھر ۾ چور داخل ٿي پنج  مينھون چوري ڪري ويا. جڏهن ته 82 پل چوڪي ويجھو احمد گولاٽو جي گھر ۾ چور داخل ٿي ھڪ  ڏاند ڪاھي ويا گھر ڌڻي خميسو ڀٽي ۽ احمد گولاٽو سنڌ يار اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا وائرس۽ لاڪ ڊائون سبب ڏينهن جو پوليس پريشان ٿي ڪري ته رات جو چور ڇتا ٿي پون ٿا. اسان مسڪين ماڻهو مال مويشي پالي پنھنجو گذرسفر ڪيون پيا پر ظالم چورن اسان جون مينھون چوري ڪري اسان جي ٻارن  جو گرھ کسي ورتو آهي ھنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته سندن چوري واپس ڪرائي وڃي. حد جي پوليس سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگھيو.

پهنجو تبصرو موڪليو