هڪ ڌڪ سان 56 پوليس اهلڪارن جون بدليون ۽ مقرريون

اوٻاوڙو(ن سنڌيار)ايس ايس پي گهوٽڪي ضلعي جي 56 کان وڌيڪ وڏن ۽ ننڍن منشين جي بدلين ۽ مقررين جو حڪم جاري ڪيو آهي. اڪثر اهلڪارن آرڊر تي عمل ڪرڻ بدران ساسي اثر رسوخ استعمال ڪندي بدليون روڪرائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ضلعي جي چئن ٿاڻن گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تان خالد چاچڙ کي هٽائي ظهور الاهي لغاري,پوليس لائين مان نور محمد ڪولاچي کي بدلي ڪري سرحد ٿاڻي ياسر چاچڙ کي عادلپور ٿاڻي تي مقرر ڪري ڇڏيو. الهجوايو رند کي ريتي ٿاڻي تان هٽائي پوليس چوڪي چانڊيا موري,لال بخش چاچڙ کي ريتي ٿاڻي محمد حسن جسڪاڻي کي خانپور مهر ٿاڻي تان بدلي ڪري پوليس چوڪي گلاب جي موڙ تي مقرر ڪري ڇڏيو. ادريس لغاري خانپور مهر,اسد شر کي کينجو,شاهنواز گبول کي جروار مقرر ڪري ڇڏيو جڏهن ته ضلعي جي 56 اهلڪارن کي سزا طور مختلف ٿاڻن تي مقرريون ۽ بدليون ڪري ڇڏيون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو