هڪ مهيني ۾ کير جو اگهه مقرر ڪري رپورٽ ڏيو،عدالت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمشنر ڪراچي کي هڪ مهيني ۾ کير جا اگهه مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي کيس لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي اگهن ۾ واڌ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز حسين عدالت ۾ پيش ٿيو، ان موقعي تي درخواست گذار چيو ته عدالت کير جا اگهه 94 روپيا مقرر ڪيا، پر ڊيري فارمرز، ريٽليرز ۽ دڪاندار 130 روپيا في ليٽروڪرو  ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي ڪمشنر ڪراجي جي وڪيل عدالت کي خاطري ڪرائي ته اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي کير جي قيمتن جو مسئلو حل ڪرائينداسين، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هڪ مهيني جي اندر کير اجا اگهه مقرر نه ڪيا ويا ته پوءِ توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن بعد عدالت وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو