هڪ سال ۾ 13 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو قرض، رڪارڊ قائم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عمران خان جي حڪومت گذريل مالي سال جي دوران 13 ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جو رڪارڊ پرڏيهي قرض حاصل ڪري ماضي جي حڪومتن جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت مان مليل ڄاڻ موجب پي ٽي آءِ جي حڪومت گذريل مالي سال جي دوران 13جيترو قرض هڪ سال ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به حڪومت جي حاصل ناهي ڪيو. ان عرصي ۾ حڪومت 10 ارب ڊالرن جو قرض واپس به ڪيو آهي. ٻن سالن ۾ گڏيل طور تي تحريڪ انصاف جي حڪومت 29 ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جو قرض کنيو ۽ ٻن سالن ۾ 19 ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جو پرڏيهي قرض واپس ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو