هڪ ئي وقت ۾ 3 مختلف تصويرون ڪڍندڙ موبائل ڪيمرا تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سام سنگ جي نئين فليگ شپ گليڪسي ايس 20 سيريز جا فون ايندڙ هفتي متعارف ڪرايا ويندا ۽ ان ڪمپني طرفان منفرد ڊوائيس ثابت ٿيڻ وارا آهن. حقيقت ۾ سام سنگ هن ڀيري گليڪسي ايس 10 سيريز جي مقابلي ۾ گليڪسي ايس 20 سيريز ۾ ڪجهه اهم تبديليون ڪيون آهن پر ڪيمرا سسٽم سڀ کان نمايان آهي جيڪو هن مهل تائين ڪنهن به ڪمپني جي ڪنهن فون ۾ سامهون ناهي آيو. ڪيمرا لاءِ سام سنگ طرفان ڪجهه نئين سافٽ ويئر فيچرز به ڏنا پيا وڃن ۽ هاڻي هڪ ليڪ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گليڪسي ايس 20 سيريز جي فون جي بيڪ ڪيمرا هڪ ئي وقت بنيادي طور 3 تصويرون وٺڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي. سام سنگ موبائل ايڪس ڊي اي ڊولپرز جي حوالي سان ٻڌايو ته سام سنگ ان فيچر کي ڪوئيڪ ٽيڪ جو نالو ڏنو آهي جنهن جي مدد سان ايس 20 اسٽينڊرڊ جي بيڪ تي موجود ٽئي ڪيمرائن کي ڪنهن به منظر جي تصوير وٺڻ لاءِ هڪ ئي وقت استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ پوءِ صارفين جي مرضي هوندي ته هو ان ٽنهي تصويرن مان ڪنهن هڪ کي سيو ڪري سگهي ٿو. ان قسم جو فيچر آءِ فون 11 ۾ به ڏنو ويو پر ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ايپ جي ضرورت پوندي آهي جڏهن ته سام سنگ ان کي فون جي ڪيمرا ايپ جو حصو بڻايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو