هڪ آراو پلانٽ بند، پيئڻ جي پاڻي لاءِ قطارون، شهري پريشان

مورو)مورائي اياز سولنگي) شھر ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي لاءِ  لڳايل ٻن مان هڪ آر او پلانٽ خراب ٿي ويو، شهري ساهه سڪائيندڙ گرمي ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن. نوشهروفيروز ضلعي جي واحد ميونسپل ڪميٽي مورو آھي جنهن جي تقريبن ٻه ڪروڙ بجيٽ آھي ڇھ سو کان وڌيڪ ملازم آھن پر پوء به شھرين کي پيئڻ جي پاڻي لاء ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوي ٿو. ايڏي وڏي آبادي رکندڙ شھر ۾ صرف ٻه آرو پلانٽ لڳايا ويا آھن جيڪي ناڪافي آھن جن مان هڪ مسلسل بند رهي ٿو جنهن جو ڪارڻ بجلي جو نه هجڻ ٻڌايو پيو وڃي ٻئي پاسي هڪ آرو پلانٽ تي سوين پاڻي جون بوتلون , ڪولر ۽ گيلن وغيره رکي ماڻھو هن گرمي جي شدت ۾ بيهي پاڻي لاء انتظار ڪرڻ لڳا آھن هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ضلعي انتظاميا توڙي سنڌ حڪومت جلد از جلد شھرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪري ۽ آرو پلانٽ جو تعداد  وڌايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو