هٿيارن ۽ بارود سميت گرفتار 4 بلوچ عورتون جيل حوالي

خضدار(ويب ڊيسڪ) شورش زده بلوچستان جي ضلعي آواران مان گرفتار ڪيل 4 بلوچ عورتن کي خضدار جي مئجسٽريٽ جيل اماڻي ڇڏيو. پوليس ۽ ليويز  کين گرفتار ڪري هنن وٽان هينڊ گرنيڊ، 3 پسٽل ۽ گوليون بر آمد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل عورتن جو تعلق پابندي مڙهيل قومپرست جماعتن سان آهي. بي بي سي جي رياض سهيل جي رپورٽ موجب پوليس جو چوڻ آهي ته ٿاڻي تي عورتن جو لاڪ اپ ناهي ان ڪري کين جيل موڪليو وڃي جتي پوليس کانئن جاچ ڪندي. ياد رهي ته انساني حقن جي تنظيم جي عورت اڳواڻ بي بي گل ڇنڇر تي ڪوئٽه ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي ته آوارن جي علائقي ماشي مان چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪندي هڪ عورت کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي ۽ هڪ بزرگ عورت به لاپته آهي. هن الزام هنيو هو ته سيڪورٽي فورسز وارن کين 24 ڪلاڪ حراست ۾ رکڻ بعد ليويز حوالي ڪيو هو. هن دعويٰ ڪئي ته مٿن ڪوڙو الزام مڙهيو ويو آهي. ياد رهي ته آواران مان اڳ ۾ ڊاڪٽر الله نذر جي گهرواري کي به گرفتار ڪيو ويو هو پر تڏهوڪي وڏي وزير سردار ثناءُ الله زهري چيو هو ته اهو بلوچ روايتن جي خلاف آهي ۽ هن کيس آزاد ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو