هٿياربندن جي ڦر ڪوشش مزاحمت تي هڪ زخمي هڪ قتل

ميھڙ (ن سنڌيار) ميھڙ لڳ ٻيٽو جتوئي ۾ 3 هٿياربندن دڪاندار ماجد سومرو ۽ سندس ڀاءُ عبدالله سومرو کي يرغمال بڻائي ڦر ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي.ان دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ماجد سومرو ۽ سندس ڀاءُ عبدالله سومرو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا.زخمين کي تعلقي اسپتال نيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي ماجد سومرو فوت ٿي ويوجنهن بعد فوت ٿي ويل نوجوان ماجد سومرو جي لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو