خيرپور (محمد علي جانوري) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد پوليس ٽريننگ سينٽر مان امتحان ڏيئي واپس پنهنجي ڳوٺ ويندڙ پوليس اهلڪار عطا محمد ڀٽو کي موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري شهيد ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس خيرپور شهر سميت مختلف علائقن ۾ ناڪه بندي ڪري ڏني مگر هٿياربند اڻ سڃاتل هنڌ فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پوليس اهلڪار عطا محمد ڀٽو ڳوٺ فيض محمد ٻنڊو تعلقه ڪنگري جو رهواسي هيو ۽ اڄ صبح پوليس جي ٽريننگ جو امتحان ڏيڻ لاءِ پوليس ٽريننگ سينٽر تي ويو هيو جيڪو امتحان ڏيڻ بعد فارغ ٿي واپس ڳوٺ وڃي رهيو هيو ته ڳوٺ صدورو جانوري ڀرسان لنڪ روڊ تي تاڙ ۾ ويٺل ٻن جوابدارن کيس ٽارگيٽ ڪري ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري شهيد ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ فرار ٿي ويا. بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس، پوليس اهلڪار جو لاش سول اسپتال خيرپور مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته آخري اطلاع تائين ڪوبه ڪيس وغيره داخل ٿي نه سگهيو هيو. پوليس طرفان شهر جي مڙني رستن تي ناڪه بندي ڪرائي ويئي مگر جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو