هٿياربندن جي فائرنگ ۾ خانگي گارڊ سميت 2 ڄڻا قتل

مدئجي(نويد احمد دل) ڳاهيجا ٿاڻي جي حد گوئن وارا پڙ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او ڳاهيجا جي خانگي گارڊ سميت 2 ڄڻا مارجي ويا. اطلاع تي ڳاهيجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول خانگي گارڊ امام علي بروهي جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو جڏهن ته زخمي ٿيل نوجوان غلام قادر بروهي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو پئي ويو جيڪو رستي ۾ فوت ٿي ويو. مارجي ويلن جا لاش اسپتال پهچڻ بعد وڏي انگ ۾ بروهي برادري جا ماڻهو ۽ شهري اسپتال پهتا. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول امام علي بروهي ڪيتري عرصي کان وٺي ايس ايڇ او ڳاهيجا ذوالفقار پٺاڻ جي خانگي گارڊ طور ڪم ڪندو هو جيڪو اڄ پنهنجي رشتيدار غلام قادر بروهي سان گڏ موٽر سائيڪل تي ڳڙهي ياسين وڃي رهيا هئا ته ڄاڻايل هنڌ اڳواٽ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن  فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ خانگي گارڊ امام علي بروهي موقعي تي مارجي ويو ۽ غلام قادر بروهي زخمي ٿي پيو جيڪو لاڙڪاڻي نيئندي فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ مقتولن جي وارثن چيوته ڪاڪيپوٽا برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪري اسان جي نوجوانن کي قتل ڪيو آهي جڏهن ته ايس ايڇ او ڳاهيجا جو چوڻ هو ته اطلاع بعد واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي آيا سين پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا آهن وڌيڪ ڪارروائي مقتولن جي وارثن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ بعد ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو