هي جلسو فوجي آمرن جي جنازي نماز ثابت ٿيندو، مينگل

لاهور (ويب ديسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته 70 سالن کان جن قوتن آئين پامائمال ڪيو آهي هي جلسو انهن آمرن جي جنازي نماز آهي. جلسي جي آخر ۾ انهن جي جنازي نماز به پڙهائينداسين. هن چيو ته 70 سالن تائين اسان سان جيڪو ظلم ٿيو آهي ان جا ذميوار اوهين سڀ آهيو، بوتل مان نڪتل جن کي اوهان کي ڪنٽرول ڪرڻو آهي، اوهان هي ملڪ بچائڻ چاهيو ٿا هن خلائي مخلوق مان جان ڇڏائڻي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ 5 فوجي آپريشن ٿيا اهي ڪنهن جاپاني يا انگريز فوج نه ڪيا پر پاڪستان فوج ڪيا. هاڻي اسنجي مائرن ۽ ڀينرن جون عزتون محفوظ ناهن، پوءِ به پاڪستان زنده باد جا نعرا هڻون؟ پر اسين هڻون ٿا، اڄ به 10 هزار نوجوان گم آهن. هن هڪ بلوچي زبان جو هڪ شعر پڙهيو ته بيشڪ اوهين ماريو، گهر ۽ ڳوٺ جلايو پر اسين تختي تي بيهي به حق جو آواز بلند ڪنداسين. ڪوئٽا جي جلسي ۾ لاپته ٿيلن جون مائر ڀينر مريم سان مليون هيون سندن درد هن ڏٺو هو. مينگل چيو ته مينار پاڪستان تي اسلامي جمهوري رياست قائم ٿيندي پر ڇا هي آزاد ملڪ آهي، انگريزن جي غلامي مان ڪڍي وردي وارن جي غلامي ۾ ڌڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪٿي لکيل آهي ته مئل شخص جي ميت کي تالو هڻو (اڪبر بگٽي) جي جنازي ۾ عزيزن کي شرڪت ڪرڻ نه ڏني وئي، ڪهڙي ملڪ ۾ هيوي مينڊيٽ واري وزيراعظم کي گهر موڪليو ويو هجي. جمهوريت هجي ها ته فوجي حڪمران نه اچن ها. هن چيو ته احتساب رڳو سياستدانن جو ڇو، مشرف ۽ پيزا وارن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اوهان هڪ پيج وارا نه پر هڪ ئي ڪتاب وارا آهيو، ڊي ايڇ اي ذريعي قبضا ڪرڻ، گوادر مان مقامي ماڻهن کي دربدر ڪيو ويو آهي. هي ڪهڙي ترقي آهي جيڪا اسانجو وجود تباهه پئي ڪري، اها ترقي قبول ناهي. اسانجي سڃاڻپ، ٻولي ۽ ڪلچر تباهه ڪرڻ واري ترقي نه کپي. ان کان اڳ جلسي کي خطاب ڪندي آفتاب شيرپائو چيو ته هي جعلي ۽ هائبرڊِ حڪومت قبول ناهي، ملڪ کي آئيني طريقي سان هلايو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ مداخلت کانسواءِ چونڊون ڪرايون وڃن ۽ هر ادارو پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري. موجوده حڪومت ادارن کي تباهه ڪيو آهي مهنگائي حد کان وڌي وئي آهي، پوري خطي ۾ سڀني کان وڌيڪ مهانگائي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو