هوٽل،مارڪيٽ، شاپنگ مال 10 وڳي بند، ماسڪ لازمي قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر سڄي ملڪ جي شهرين لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.منصوبابندي جي وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته 29 آڪٽوبر کن سڄي ملڪ ۾ مارڪٽ، شاپنگ مال، پارڪس ۽ ريسٽورنٽ رات 10 وڳي بند ڪيا ويندا. ڊاڪٽرن جي ڪلينڪس ۽ ميڊيڪل اسٽور پابندي کان آجا هوندا.اجلاس ۾ صحت ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد متعلق بريفنگ ڏني وئي ته ملڪ جي 11 شهرن ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، انهن شهرن ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، حيدراباد، گلگت، مظفرآباد ۽ پشاور جا شهر شامل آهن. ملڪ جي چار هزار 374 علائقن ۾ مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي، ڪورونا جي ٻيهر لهر جي صورتحال کي ڏسندي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. اجلاس ۾ تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ جو به جائزو ورتو ويو. اين سي او سي سمورن صوبن کي ايس او پيز ۽ ماسڪ پائڻ تي عملدرآمد جي هدايت ڪري ڇڏي. اين سي او سي چيو آهي ته ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪرڻ وقت ماسڪ لازمي پائن، چاهي عوامي ميڙاڪا هجن يا جلسا هجن پر ماسڪ لازمي پائي انهن ۾ شامل ٿين. وفاقي حڪومت ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي صورتحال کي ڏسندي پابنديون سخت ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر شروع ٿي چڪي آهي ۽ روزانو 700 کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن. ٻي لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪومت جي ان فيصلي بعد اسلام آباد جي ڊي سي قلم 144 لاڳو ڪندي چيو آهي ته عوامي جاين تي ماسڪ نه پائيندڙن کي پوليس گرفتار ڪندي.هي پابندي ٻن مهين تائين لاڳو رهندي.  

پهنجو تبصرو موڪليو