هولي ميلي ۾ بلڊ ڪيمپ قائم، خوشبو لغاري خلق جهومائي ڇڏي

غوثپور(عبدالنبي ملڪ)شھر جي قديم ۽ تاريخي بابا غريب داس مندر ۾ ٻھ سئو پنج ساله ھولي واري ٽن ڏينهن جي ميلي جون تقريبون جاري آھن. ھن ميلي ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ڪراچي کان ڪشمور تائين ۽ ڪوئٽه بلوچستان سميت سوين مرد توڙي عورت عقيدت مند اچي شرڪت ڪندا آھن. ميلي ۾ انڊيا جي مختلف شھرن مان به پنجن ياترين جو وفد آيل آھي. ميلي جي موقعي تي پئنچايت طرفان پوري مندر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آھي. ميلي جي ٻي رات صوفياڻي محفل جي تقريب ڪوٺائي وئي جنھن۾  سنڌ جي ناليواري ٽي وي آرٽسٽ خوشبو لغاري بابا غريب داس جي شان ۾ ۽  صوفياڻه ڪلام ڳائي آيل ھزارين ماڻھن کي روحاني سڪون پھچايو جڏھين ته  صوفياڻي محفل ۾ خاص شرڪت لا۽  شڪارپور جي سماڌا آشرم جي گادي نشين سائين نارائڻ ڀڄن صاحب به شرڪت ڪئي. ميلي جي موقعي تي ھندو پئنچايت طرفان  آيل ھزارين عقيدت مندن لا۽ مفت کاڌي پيتي جا اسٽال ۽ لنگر جو بندوبست به  ڪيو ويو . ميلي جي موقعي تي ٿيليسيميا جي معصوم ٻارن جي لا۽ بلڊ ڪئمپ به لڳائي وئي جنھن ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻھن رت جو عطيو ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو