هواوي جا 2 نوان فليگ شپ فون مارچ ۾ متعارف ٿيندا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هواوي جي نئين فليگ شپ فون پي 40 ۽ پي 40 پرو کي ايندڙ سال جي مارچ مهيني ۾ متعارف ڪرايو ويندو. اهڙو اعلان هواوي ڪنزيومر گروپ جي سي اي او رچرڊ يو فرانسيسي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌائي ته ڪمپني جي نئين فليگ شپ فونن کي مارچ ۾ پيرس ۾ ٿيندڙ ايونٽ دوران پيش ڪيو ويندو. هن اهو به ٻڌايو ته هواوي جي نئين فليگ شپ فونن ۾ اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم ته هوندو پر ميٽ 30 سيريز جي فون وانگر نوان ڊوائيس به گوگل موبائل سروس کان محروم هوندو. اهو فون اسپين جي شهر بارسلونا ۾ فيبروري ۾ شيڊول موبائل ورلڊ ڪانگريس جي هڪ مهيني بعد پيش ڪيو ويندو ۽ آمريڪي پابندين سبب اهو فون گوگل سروس کان محروم هوندو. ياد رهي ته هلندڙ سال جي مئي ۾ هواوي کي بليڪ لسٽ ڪندي چيني ڪمپني کي آمريڪي ٽيڪنالوجي جي استعمال کان روڪيو ويو هو ۽ هن مهل تائين هو گوگل سافٽ ويئر کي استعمال ڪرڻ لاءِ لائسنس حاصل ناهي ڪري سگهي. اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم اوپن سورس آهي ته ان تائين هواوي جي رسائي ممڪن آهي جيڪڏهن گوگل ميپس، پلي اسٽور، سرچ انجن ۽ ٻيا موبائل سروسن لاءِ لائسنس جي ضرورت هوندي آهي جيڪي آمريڪي حڪومت طرفان جاري نه پيا ڪيا وڃن. پي 40 سيريز جي فون ۾ اينڊرائيڊ 10 جو امتزاج ڪمپني جي پنهنجي اي ايم يو آءِ يوزرس انٽرفيس سان ڪيو ويندو. هواهي ميٽ 30 سيريز جا فون به ان سروس کان محروم هيا ۽ اهو ئي سبب هيو جو هن وقت تائين سڀني ملڪن ۾ فروخت لاءِ پيش ناهي ڪيو ويو. پر فون چين ۾ تمام گهڻو کپي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته چين ۾ گوگل سروس ڪم نه پئي ڪري ۽ اتان جا صارفين ان جي پرواهه ناهن ڪندا. رچرڊ يو مطابق وڌيڪ بهتر ڪيمرا سيٽ اپ ۽ بيٽري لائيف جو پي 40 سيريز فون جا حصا بڻايا ويندا اهڙي طرح ان جي دعويٰ آهي ته ان جو ڊيزائن اهڙو هوندو جو پهرين ڪڏهن به نه ڏٺو ويو هوندو بهتر پراسيسر ان جو به حصو هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو