هن سال قرباني جي جانورن جي وڪري ۾ رڪارڊ گهٽتائي،ڇو؟

ڪراچي (شهزادو مستوئي) پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ برسات، مهانگائي ۽ ٻين مختلف سببن جي ڪري قرباني ۾ گهٽتائي، 12 کان 13 لک جانور گهٽ ضبح ٿيا، جنهن سبب هڪ پاسي جانورن جو ڪاروبار ڪندڙ واپارين کي نقصان ٿيو آهي ته ٻئي پاسي چمڙي جي صنعت تي به انتهائي منفي اثر پيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار چمڙي جو واپار ڪندڙ ٽينري تنظيم جي هڪ اڳواڻ آغا سعيد سنڌيار سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته هن سال ٻڪر، رڍون ۽ ٻين جانورن جي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ قرباني ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 18 کان 20 سيڪڙو ماڻهن هن سال گهٽ قرباني ڪئي آهي. ڪراچي ۽ لاهور جي منڊين مان پهريون ڀيرون وڏي تعداد ۾ مال واپس ٿيو آهي، ٽول ٽيڪس، ضلع ڪائونسل چنگين، ناڪن، پوليس جو ڀتو،بدامني، لٽ مار، مال پڙي جي فيس، مال پڙي ۾ داخلا فيس، برسات ۽ مهانگائي سميت کوڙ سبب آهن جنهن ڪري مال جي وڪري ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو