هندو ڀائرن ۽ ڀينرن راکي جو تهوار ڀرپور نموني ملهايو

سکر(بيورو رپورٽ) رکشا بندھن يعني راکھي جو تھوار 15 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ ھندو ڌرم وارن ڀرپور انداز ۾ ملهايو. هي پیاري نازڪ رشتي جو ڏینھن جنھن ۾ ھر ڀیڻ پنھنجي ڀاء کي راکي سڄي ھٿ تي ٻڌي مٿي تي تلڪ ھڻي  مٺائيون کارائي پنھنجي رکشا جو وچن ورتو. ان موقعي تي ڀائرن پنهنجي ڀينرن کي تحفا ۽ خرچیون پڻ ڏنيون. ڀینر پنھنجي ڀائرن کي انھن جي زندگي ۾ ڪامیابي ۽ خوشین لاء دعائون پڻ ڏنيون. جُڙي رھي جڳت ۾ ڀیڻ ڀاء جي پریت، راکي سندي ریت سدا رھي سنڌ ۾.  

پهنجو تبصرو موڪليو