هم جنس پرست ڇوڪرين کي گڏ رهڻ جي اجازت

لاڙڪاڻو (ن سنڌيار) پنجاب جي قصور واري علائقي جي رهواسي ڇوڪرين کي مبينا طور پسند جو پرڻو ڪرڻ تي هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي حڪم تي سول لائين پوليس عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ڇوڪرين طرفان پاڻ ۾ شادي نه ڪرڻ جي بيان تي کين آزاد حيثيت ۾ زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پنجاب جي ضلعي قصور جي رهواسي نوجوان ڇوڪري عريسه امجد شاھ ۽ ساڳئي علائقي جي رهواسي نوجوان ڇوڪري ڪائنات لاڙڪاڻي جي لاهوري پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، جڏهن ته عريسه جي ماءُ آصفه زال امجد شاھ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ ٻنهي ڇوڪرين خلاف شادي جو الزام هڻي هڪ پٽيشن داخل ڪئي هئي، عدالت سول لائين ٿاڻي جي پوليس کي هدايت ڪئي هئي ته ٻنهي ڇوڪرين کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جنهن تي پوليس عريسه ۽ ڪائنات کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عريسه عدالت کي ٻڌايو ته اسان شادي نه ڪئي آهي، پر ٻئي پاڻ ۾ ساهيڙيون آهيون ۽ گڏ رهڻ پسند ڪنديون آهيون، مون تي وارث گهر ۾ تشدد ڪندا هئا، تنهن ڪري ڪائنات سان رهائش اختيار ڪئي آهي، عدالت عريسه جي ماءُ جي پٽيشن کي اڪلائي ٻنهي ڇوڪرين کي آزاد حيثيت ۾ زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته عدالت جي ڪمري کان ٻاهر اچڻ تي عريسه جي ماءُ سندس پيرن تي ڪري پئي، پر هن ماءُ توڙي والد سان ڳالهائڻ کان مڪمل انڪار ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪائنات جي ڀيڻ جي لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري پاڙي ۾ شادي ٿيل آهي، ٻنهي ڇوڪرين ان وٽ رهائش اختيار ڪئي آهي. هوڏانهن وڏي پوليس پهري ۾ ٻنهي ڇوڪرين کي محفوظ هنڌ موڪلي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو