همت اٿي ته بٽ ڪڙاهي بدران پيزا واري پاپا کي پڪڙ، مريم

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته جيڪي چون پيا ته مينار پاڪستان جو ميدان ڀري ڏيکاريو، اچو ڏسو هي خلق، هزارين ماڻهو پنڊال کان ٻاهر آهن. شاباش لاهور شاباش لاهور، اڄ اوهان نئين تاريخ لکي آهي، لاهور اڄ حڪمرانن ۽ سندن تبديلي کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اين آر او نه ڏيندس جا نعرا هڻندڙ پي ڊي ايم ۽ نواز شريف کان اين آر او پيو گهري. ڇا اوهان ڏيندا هن کي اين آر او، مسٽر تابعدار ياد رک، عوام جي روٽي چورائيندڙن کي اين آر او نه ملندو. پاڪستان جي ترقي کسيندڙن کي اين آر او نه ڏينداسين. هن چيو ته ڪورونا ڪووڊ 19 کان وڌيڪ خطرناڪ ڪووڊ 18 آهي. ان دوران مريم کي هڪ پرچي ملي ته نواز شريف چوي ٿو لاهوريو نه چئو منهنجا زنده دل لاهوري چئو. هن چيو ته عوام جو روزگار، غريبن جي ماني ۽ روزگار کي هن ڪووڊ قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي. توکي سڀ سڃاڻي چڪا آهن، ڪوڙا واعدا ڪري ڌوڪو ڏيندو رهيو آهين.هن چيو ته 2011 ۾ تنهنجو جلسو آءِ ايس آءِ جي جنرل شجاع پاشا ڪرايو هو، جڏهن توکي عبرتناڪ شڪست ملي ته تابعداري ڪري حڪومت ۾ آئين، جنرل پاشا ۽ جنرل ظهير السلام تنهنجي مدد ڪئي، نواز شريف هن ملڪ مان انڌيرو ۽ دهشتگردي ختم ڪئي. توکي جسٽس کوسي چيو ته درخواست ڏي ته فڪس ميچ سان نواز شريف کي اقامي تي ٻاهر ٿا ڪڍون. هن هڪ ويڊيو جلسي ۾ هلائي جنهن ۾ عمران خان اقرار ڪيو ته شوڪت خانم اسپتال لاءِ نواز سريف زمين ڏياري هئي، جنرل مشرف جو مذموم مقصد هو هن نواز شريف کي ٻاهر ڪڍيو هن کي انصاف ملڻو ئي نه هو، ملڪ ۾ بينظير ۽ نواز شريف ترقياتي ڪم ڪراي مشرف نه ڪرايا. مريم چيو ته سليڪٽرز کي به خبر نه هئي ته هي ايترو نالائق ۽ نااهل ثابت ٿيندو، هن جا جواب سندس سليڪٽر پيا ڏين. مريم هڪ ٻيو عمران جي ويڊيو هلائي جنهن ۾ هوچوي ٿو 50 لک گهر، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندس، تيل جا اگهه نه وڌائيندس، بجلي مهانگي نه ڪندس. مريم چيو ته هو پاڻ پيو چوي ته حڪمران چوري ڪندوآهي ته مهانگائي عوام تي ڪرندي آهي. جيڪڏهن ٿورا ماڻهو به منهنجي خلاف نڪتا ته مان حڪومت ڇڏي هليو ويندس. مريم چيو ته هي آهن سندس ڪوڙن جو پُلندو، هي چوندو هو ته سڙڪن سان قوم ترقي نه ڪندي، وزيراعظم هائوس ۽ لاهور جي گورنر هائوس کي يونيورسٽي بڻائيندس، ڇا هن عمل ڪيو، اڄ استاد، ڊاڪٽر، ليڊي هيلٿ ورڪر، عوام، سرڪاري ملازم سڀ سڙڪن تي آهن. ڇا ڪا هڪ به اسپتال هن ٺاهي آهي، خيبر پختونخواه ۾ گيس نه هجڻ ڪري 7 مريض آڪسيجن نه ملڻ سبب فوت ٿي ويا، اسٽريچر ۽ وهيل چيئر تي 20 روپيا پيو وٺي.

PDM Rally wide view of Publice, Screen shot

مريم چيو ته هن اهو به واعدو ڪيو هو ته قرض نه وٺندس اڄ هر جاءِ تي پني پيو، ملڪ گروي رکي ڇڏيو اٿائين، هي ڪرپشن ڪرپشن جو به شور ڪندو هو، اڄ بٽ ڪڙاهي وارن کي ته پڪڙي پيو پر پاپا جان پيزا وارن کي نٿو پڪڙي، ڇا تو ۾ همت آهي ته عاصم سليم باجوا تي ڪيس داخل ڪرين، مالم جبا، بي آر ٽي بس جيڪا هلندي گهٽ ۽ سڙندي وڌيڪ آهي، عوام ان کي ڌڪا پيو لڳائي، هڪ ارب وڻ ڪٿي لڳايا اٿي، کنڊ، اٽو، بجلي، ايل اين جي اسڪينڊل ڪنهن جا آهن، هڪ ڏينهن عوام توکان هر شئي جو حساب وٺندو. مريم چيو ته اڄ پارليامينٽ ۾ ڊائلاگ جي ڳالهه ٿو ڪري، ڪهڙي پارليامينٽ جيڪا هڪ ريٽائرڊ ڪرنل پيو هلائي؟ هن چيو ته نواز شريف تي الزم ٿو هڻي ته هو مودي جو يار آهي، مان پڇان ٿي لاهور وارن کان ته ڇا نواز شريف جو ڪو هڪ به مطالبو آئين کان ٻاهر آهي، ڇا آزاد عدليه، آئين جي بالادستي، آزاد ميڊيا جا مطالبا غير آئيني آهن،. ڇا مشرف خلاف آئين ٽوڙڻ تي آرٽيڪل 6 جو ڪيس داخل ڪرڻ غير آئيني آهي، ڇا پرڏيهي فنڊنگ نواز شريف کي ٿي هئي، ڇا ڪشمير مودي حوالي نواز شريف ڪيو هو، ڇا جسٽس شوڪت عزيز، جسٽس قاضي فائز عيسي خلاف ڪيس نواز شريف ٺاهيا هئا.  مريم چيوته تابعدار خان لاهور فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي تون قوم کي ڌوڪو ڏنو آهي، توکي وڃڻو پوندو تون ڪروڙين ماڻهن کان نوڪريون کسيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو