‘هلندڙ صدي جي آخر تائين دنيا جي اڌ آبادي گهٽجي ويندي’

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) نئين اسٽڊي دوران اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته دنيا جي آبادي 2100ع ۾ اڌ کان وڌيڪ گهٽجي ويندي. دنيا جي 23 ملڪن جي آبادي اڌو اڌ گهٽ ٿي ويندي.ڇوڪرين ۾ تعليم ۽ گهٽ ٻار پيدا ڪرڻ واري رجحان سبب دنيا جي آبادي تي اهو اثر پوندو. هي نئين اسٽڊي لانسيٽ جرنل ۾ شايع ٿي آهي. گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊي پي جي تعاون سان تيار ڪيل هن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2064ع ڌاري دنيا جي آبادي وڌ کان وڌ يعني 9.7 ارب ٿي ويندي جيڪا هلندڙ صدي جي آخر ۾ گهٽجي 8.8 ارب ٿي ويندي. ُاشنگٽن يونيورسٽي جي پروفيسر ڪرسٽوفر مُري جيڪو هن اسٽڊي جو  شريڪ ليکڪ ۽ محقق آهي تنهن بي بي سي کي ٻڌايو ته هي تمام وڏي تبديلي آهي، هن وقت ان کق شايد ايترو سنجيده نه ورتو وڃي پر ڊگهي مدت لاءِ سوچجي ته هي حد کان وڌيڪ غور ڪرڻ جهڙو معاملو آهي اسانکي پنهنجي معاشرن لاءِ سوچڻ گهرجي. عورتن جو تعليم يافته ٿيڻ، ملازمتون اختيار ڪرڻ، ٻار پيدا ڪرڻ جي سگهه گهٽجڻ ۽ ٻار گهٽ پيدا ڪرڻ وارن هٿرادو طريقن جي عمل سبب دنيا جي آبادي گهٽ ٿيندي. اسپين،پرتگال ۽ ٿائيلينڊ سميت ڪجهه ملڪن جي آبادي ته هلندڙ صدي جي آخر تائين اڌ رهجي وڃڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا م معيشتن جو دارو مدار اميگريشن تي هوندو، سرحدون ختم ٿينديون. دنيا جي وڌيڪ آبادي وارن ملڪن ۾ آبادي جي شرح گهٽ ٿيڻ جي اندازي موجب ڀارت، چين، نائيجيريا، آمريڪا، ۽ پاڪستان  جي آبادي وڏي پيماني تي گهٽجي ويندي. اهو به چيو پيو وڃي ته 2035 ۾ چين دنيا جي وڏي ۾ وڏي معيشت بڻجي ويندي پر 2096ع ۾ وري آمريڪا نمبر ون معيشت بڻجي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو