هلندڙ صدي جو وڏو نهري منصوبو شروع ٿي ويو

سنڌيڪار  جاويد سولنگي

ترڪي جي صدر طيب اردوغان 26 جون تي استنبول ڪئنال واري تڪراري منصوبي جو افتتاح ڪيو. منصوبي تي 15 ارب ڊالر خرچ ايندو. منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر اردوغان چيو  “اسان هن منصوبي کي استنبول جي مستقبل کي بچائڻ جي طور تي ڏسون ٿا”۔ اسان ترڪي جي ترقي جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب کي شامل ڪري رهيا آهيون. صدر اردوغان منصوبي ۾ شامل هڪ وڏي پل جو سنگ بنياد رکي منصوبي جو افتتاح ڪيو. هن وڏي منصوبي جو مقصد آبنائي  باسفورس مان گذرندڙ واپاري جهازن تي دٻاءُ گهٽائڻ ۽ تجارتي مقصدن لاءِ سامان  کڻندڙ سامونڊي جھازن جي لاء متبادل رستو فراهم ڪرڻ آهي. صدر اردوغان وڌيڪ چيو ته استنبول جي عوام جي زندگيون بچائڻ لاءِ ھي منصوبو ضروري آهي. “هي ھڪ  ڦوھاري جي افتتاحي تقريب ناهي ، پر هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو نهري منصوبو آهي. صدر اردوغان پهريان ئي اپريل 2011 ۾ ھن  منصوبي جو اعلان ڪيو ھيو ۽ ان کي ”وڏي بجيٽ وارو پاگل منصوبو“ قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي هئي ته ان جو مقابلو / ڀيٽا  پاناما يا سوئيز ڪينال سان نٿي ڪري سگهجي ( يعني ھي منصوبو ان ٻنهي منصوبن کان بھتر ۽ وڏو منصوبو آھي) استنبول ڪئنال منصوبو 25 ميٽر اونھو، 45 ڪلوميٽر ڊگهو آھي ۽ هڪ ڏينهن ۾ تقريبن 160 بحري جهاز ھن رستي سان گذري سگھندا. ھن پروجيڪٽ جا ناقدين ان منصوبي جا تفصيل ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ھن منصوبي جو قابل عمل ھجڻ تي سوال اٿاري رھيا آھن ۽ چون ٿا ته ھن منصوبي جا ماحول تي خراب/ ناڪاري اثر پوندا۔ رائٽرز جي مطابق صدر اردوغان پل جو بنياد رکڻ بعد اتي موجود مزدورن 1.6 ڪلوميٽر ڊگهي پل جي پلرز کي ڪنڪريٽ سان ڀريو. جڏهن ته ان موقعي تي موجود ھجوم  ترڪي جو پرچم لھرائيندو رھيو. صدر طيب اردوغان ھن منصوبي کي  آبنائي باسفورس جو متبادل قرار ڏئي ٿو. آبنائي باسفورس واحد سامونڊي رستو آهي جيڪو ڪاري سمنڊ کي ميڊيٽرينين سمنڊ سان ملائي ٿو ، جتي اڪثر ڪري جهازن  جي لنگھڻ جي رش  ھوندي آھي۔ ھن رستي سان پھريان ئي هر سال تقريباً 43000 بحري جهازگذرندا آهن ، جڏھن ته  عملدارن جي مطابق ماحول کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاء ھتان  صرف 25 هزار بحري  جهاز هر سال لنگھڻ گھرجن۔ اھا ئي وجھ آھي ته ھتان گذرندڙ بحري جھازن کي ڪڏھن ڪڏھن  تمام گھڻو انتظار ڪرڻو پوندو آهن ته جيئن ماحول کي وڌيڪ نقصان نه پهچي سگهي. ڪاٿو لڳايو ويو آهي ته 2050 تائين آبنائي باسفورس کان گذرڻ وارن واپاري بحري جهازن جو تعداد 78000 تائين وڌي سگهي ٿي. ترڪي جي حڪومت هن سال مارچ ۾ استنبول ڪئنال منصوبو جي منظوري ڏني ھئي. هي واهه / نھر آبنائي باسفورس جي اولهه ۾ واقع آھي ۽ ان جو وھڪرو  استنبول جي اتر کان ڏکڻ طرف وهندو ۽ 45 ڪلوميٽر ڊگهو هوندو. ھن ڪئنال جي  مصوبي جي سرڪاري ويب سائيٽ  تي ھن نھر جي  ٺاھڻ جو سبب ٻڌائي ٿي ته نهر آبنائي باسفورس جي بحري ٽرئفڪ، وڏي جھازن جي گھڻي تعداد جيڪي ھو خطرناڪ مواد کڻي ويندا آھن اھو مواد استنبول شهر جي لاء وڏو خطرو آهي. ويب سائيٽ مطابق ، هڪ سئو سال اڳ  آبنائي باسفورس مان گذرندڙ  ٻيڙن جو تعداد 3000 يا 4000 ھيو جيڪو ھاڻي وڌي ڪري  45000 کان 50000 ٿي ويو آهي.

ملڪ اندر منصوبي تي تنقيد

هن سال اپريل ۾  ترڪي نيوي جي 10 رٽائرڊ ايڊمرلز کي صدر طيب اردوغان جي ”استنبول ڪينال“ منصوبي تي کليل تنقيد ڪرڻ  جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. گرفتارين کان پوء ترڪي جي سياست ۾ ھڪ طوفان پيدا ٿيو۔  حراست ۾ ورتل ھي ماڻھو ان  104 رٽائرڊ ايڊمرلز ۾ شامل هئا جن هڪ گڏيل خط تي صحيحيون ڪيو ھيون۔ ان خط ۾  ترڪي جي حڪومت کي خبردار ڪيو ويو  هو ته ڪئنال جي ھن  منصوبي سان آبنائي باسفورس تي عالمي معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي سگهي ٿي. ترڪي جي صدر رجب طيب اردوغان عملدارن جي  ھن بيان کي ”توهين“ قرار ڏنو ۽ چيو ته ان  خط مان ”بغاوت“ ظاھر ٿئي ٿي۔ جيتوڻيڪ ھن منصوبي تي ٿيل  بحث صرف مقامي سياسي اختلافن کي نروار ڪيو آهي. جنھن سان  ڊارڊينيلز ۽ باسفورس  آبي رستن  جي متعلق قانونن تي به سوال ٿي سگھن ٿا۔ جن جا آمريڪا ۽ روس تي امڪاني اثر پئجي  سگهن ٿا.

Photo Courtesy BBC

مونٽريڪس ڪنوينشن: ترڪي ۾ پاڻيءَ جي رستن تي 85 سالن جو معاهدو ڇا آهي؟

گرفتار ٿيل رٽائرڊ ايڊمرلزخبردار ڪيو هو ته استنبول ڪئنال منصوبو مونٽريڪس ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي ٿي سگهي ٿي.  ھن معاهدي تحت ترڪي کي پنهنجي سرحدن  اندر آبنائي باسفورس جو ڪنٽرول ڏنو ويو ۽ تجارتي جهازن ۽ بحري آپريشن تي به حدون موجود آهن. هنن پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته ان سلسلي ۾ جيڪي به قدم کڻي سگهجن اھي ضرور کڻڻ گھرجن ته جئين ھن  معاهدي جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ائين ڪرڻ ترڪي جي مفاد ۾  هوندو. ترڪي ۾ پاڻي جي گزرگاھن جي  معاهدي کي مونٽريڪس  معاهدو سڏرائجي ٿو جيڪو سن  1936 ۾ عمل ۾ آيو۔ بين الاقوامي معاهدي تحت ڪارگو جهاز ترڪي جي آبي رستن کان گذري سگھن ٿا ۽ ترڪي کي استنبول ، ڊرڊينيليز ، ڪاري سمنڊ ۽ باسفورس تي خودمختياري ڏين ٿا. هي معاھدو انھن ملڪن جي جنگي جهازن تي پابنديون به لاڳو ڪري ٿو جن جا ساحل  ڪاري سمنڊ جي ڪناري تي نه آهن. انهن کي ” نان ريپريئن” رياستون سڏيو ويڃي ٿو  جن ۾ آمريڪا به آھي۔  انهن پابندين ۾ انهن رياستن جي جهازن جو ڪل وزن (وڌ ۾ وڌ 45000 (ٽن) ۽ ڪاري سمنڊ ۾ رهڻ جي ڊيگهه (21 ڏينهن) شامل آهن. ڪاري سمنڊ جي ريپيريئن  ۽ غير رپييرئن  رياستن جي هوائي جهازن کي انهن گذر گاھن  مان گذرڻ جي اجازت ناهي ۽ صرف ريپريئن رياستن سان  تعلق رکندڙ آبدوزون به هتا کان گذري سگهن ٿيون. ڪاري سمنڊ جي ڪنهن به ريپريئن رياست کي پنهنجو فوجي جهازن گذرڻ کان 8 ڏينهن اڳ ترڪي جي اختيارين کي آگاهه ڪرڻو آهي ، جڏهن ته ترڪي جي پرڏيهي وزارت جي مطابق ، نان ريپريئن رياست کي گذرڻ کان 15 ڏينهن اڳ آگاھ ڪرڻ گهرجي.

روس ۽ آمريڪا ڪيئن ھن مان  متاثر ٿي سگهن ٿا؟

مونٽريڪس ڪنوينشن ۽ استنبول ڪئنال تي آمريڪي ۽ روسي موقف باضابطه سرڪاري طور واضح ناهن. جيتوڻيڪ ، ترڪي جا تجزئي نگار اڪثر اهو چون ٿا ته هن مسئلي تي واشنگٽن ۽ ماسڪو جي وچ ۾ جيو پوليٽيڪل طاقت جي راند آهي. ڪيترن آرٽيڪلن ۾ اهو چيو ويو آهي ته آمريڪا ڪاري سمنڊ تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مونٽيريڪس ڪنوينشن کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. هن سال 4 اپريل تي سينيئر صحافي مراد يتيڪن پنهنجي بلاگ ۾ لکيو آهي ته ”مونٽريڪس ڪنوينشن هميشه آمريڪا کي پريشان ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته هو ڪاري سمنڊ ۾ روس خلاف وڌيڪ وڏا جنگي جهاز موڪلڻ چاهي ٿو. مخالف سيڪيولر اخبار ڪِم حريت جي ڪالم نويس ، مهمت علي گلر جو چوڻ آهي ته مونٽريڪس ڪنوينشن جي خاتمي جو مطالبو ترڪي ۽ روس جي وچ ۾ تعاون کي روڪڻ جي مقصد لاءِ آهي. 6 اپريل تي اسپوڪنيڪ ترڪي ۾ انقرا لاءِ روس جي سفير اينڪرائي يارخوف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ماسڪو استنبول نهر جي مونٽوريڪس ڪنوينشن جي شرطن تي اثر انداز ٿيڻ جي اميد نه هئي. جيتوڻيڪ ، ڪجهه حامي حڪومتي آواز ان معاهدي کي ”طوق“ سان ملائن ٿا، جيڪي ترڪي کي ترقي کان روڪي رهيون آهن. حڪومت جي حامي اسلامي اخبار يني اڪيٽ جي ڪالمسٽ ، حاجي ياقسيلڪي سوال اٿاريوهو ته ”ڇا اسان کي 100 سال اڳ دستاويز تي صحيح ڪرڻ جي سزا ڏني ويندي ، صرف ان لاء ته  ڪجهه ماڻھو  طاقتور ترڪي نٿا چاهين؟“

پهنجو تبصرو موڪليو