هلندڙ سال جي 6 مهينن ۾ سنڌ ۾ ڏوهن ۾ واڌ رڪارڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هلندڙ سال جي ابتدائي 6 مهينن ۾ سنڌ ۾ ڏوهن ۾ واڌ ٿي آهي. سنڌ ۾ ڏوهن ۾ رڪارڊ واڌ، قتل جي واقعن ۾ 129 سيڪڙو، پوليس تي حملن ۾ 265 سيڪڙو، لڄالٽ واقعن ۾ 45 ۽ اجتمائي زيادتين وارن واقعن ۾ 21 سيڪڙو، ڪاروڪاري ۾ 7 سيڪڙو، اغوا وارداتن ۾ 732 سيڪڙو، ڀنگ لاءِ اغوا واقعن ۾ 12 سيڪڙو، ٻارن کنڀجڻ ۾ 163 سيڪڙو، ڌاڙن ۽ ڦرن ۾ 2000سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.  اهڙو اظهار سنڌ جي ڊي آءِ جي (ڪرائيم اينڊ انويسٽيگيشن) طرفان نيشنل پوليس بيورو جي ڊي جي کي موڪليل پهرين جنوري کان 30 جون تائين صوبي ۾ ٿيل ڏوهن بابت انگن اکرن واري  رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب  صوبي ۾ هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن دوران مختلف جھيڙن جھٽن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 760 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته گذريل سال انهي عرصي ۾ 631 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو هو، صوبي ۾ قتل جي ڪوشش جا هڪ هزار 3 واقعا پيش آيا، جڏهن ته گذريل سال قتل جي ڪوشش جا891 واقعا رپورٽ ٿيا هئا، هيل ڪاروڪاري جا 71 واقعا رپورٽ ٿيا، ڪارنهن الزام هيٺ 67 عورتن ۽ 16 مردن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو، جڏهن ته گذريل سال ڪاروڪاري جا 64 واقعا رپورٽ ٿيا هئا، صوبي ۾ 1643 هنگاما رپورٽ ٿيا، جڏهن ته گذريل سال انهي عرصي دوران 1378 هنگاما ٿيا هئا. هيل پوليس تي 1043 حملا ٿيا، جڏهن گذريل سال انهي عرصي دوران پوليس تي 994 حملا ٿيا هئا. صوبي ۾ لڄالٽ جا 193 ۽ اجتمائي زيادتي جا 45 واقعا رپورٽ ٿيا، جڏهن ته گذريل سال انهي عرصي دوران لڄالٽ جا 148 ۽ اجتمائي لڄالٽ جا 24 واقعا رپورٽ ٿيا هئا، هيل صوبي ۾ 2128 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، جڏهن ته ڀنگ لاءِ اغوا جا 38 واقعا رپورٽ ٿيا، صوبي ۾ 246 ٻارن کي اغوا ڪيو ويو، گذريل سال انهي عرصي دوران 83 ٻار کنڀيا ويا هئا، هلندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي دوران خودڪشي جا 4 ۽ خودڪشي جي ڪوشش جا 13 واقعا رپورٽ ٿيا. رپورٽ موجب قتل جي واقعن ۾ 129 سيڪڙو، ڪاروڪاري جي واقعن ۾ 7 سيڪڙو، هنگامن ۾ 265 سيڪڙو، پوليس تي حملن ۾ 49 سيڪڙو، ريپ جي واقعن ۾ 45 سيڪڙو ۽ گينگ ريپ جي واقعن ۾ 21 سيڪڙو واڌ ٿي، اغوا وارداتن ۾ 732 سيڪڙو، ڀنگ لاءِ اغوا جي واقعن ۾ 12 سيڪڙو، ٻارن جي کنڀجڻ وارن واقعن ۾ 163 سيڪڙو ۽ خودڪشي جي واقعن ۾ 2 سيڪڙو واڌ ٿي. رپورٽ موجب هاءِ ويز تان ڌاڙن جا 6 واقعا رپورٽ ٿيا، ٽن بينڪن کي ڌاڙا لڳا، ٻن پيٽرول پمپن مان ڦرلٽ ڪئي وئي. ڌاڙن جا 344 واقعا رپورٽ ٿيا، اهڙي ريت ڌاڙن 117 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب هاءِ ويز تي ڦر جا 9 ۽ پيٽرول پمپن تان ڦر جا 15 واقعا رپورٽ ٿيا، مجموعي طور ڦر جا 3403 واقعا رپورٽ ٿيا، اهڙي ريت ڦر جي واقعن ۾ 2290 سيڪڙو واڌ ٿي. رپورٽ موجب صوبي ۾ چوري جا 1345 واقعا رپورٽ ٿيا، 657 ڪارون چوري ٿيون، 93 ڪارون ڦر ٿيون، 16232 موٽرسائيڪلون چوري ٿيون، جڏهن ته 2010 موٽرسائيڪلون ڦر ڪيون ويون. ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن کانسواءِ 535 ٻيون گاڏيون چوري ۽ ڦر ٿيون، صوبي مان 266 جانور چوري ڪيا ويا، جانورن جي چوري ۾ 55 سيڪڙو واڌ ٿي. رپورٽ موجب توهين مذهب جا 23 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، توهين مذهب جي واقعن ۾ 3 سيڪڙو واڌ ٿي

پهنجو تبصرو موڪليو