وزيراعليٰ جي خاطري بعد هزاره برادري چوٿين ڏينهن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

ڪوئٽا(م ڊ) هزارگنجي سبزي منڊي ۾ ٿيل بم ڌماڪي خلاف هزاره برادري جو ڌرڻو چوٿين ڏينهن وزيراعليٰ بلوچستان پاران انصاف ڏيارڻ جي خاطري بعد ختم ڪيو ويو آهي. ڄام ڪمال خان گهرو کاتي جي مملڪتي وزير شهريار خان آفريدي ۽ قومي اسمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سان گڏجي هزاره برادري جي ڌرڻي هڻندڙن سان ملاقات ڪري ملزمن جي گرفتاري جي پڪ ڪرائي. جنهن بعد هزاره برادري جي طاهر خان ۽ ٻين بزرگن ڌرڻي جي خاتمي جو اعلان ڪيو. اڳ ۾ هنن چيو هو ته جيسين وزيراعظم نه ايندو ڌرڻو جاري رهندو. وزيراعظم عمران خان 18 اپريل تي ساڻن ملندو ۽ ڪوئٽا ۾ امن امان بابت اجلاس جي صدارت به ڪندو. ڊي آءِ جي عبدالرزاق چيما ٻڌايو آهي ته سي ٽي ڊي وارن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ممڪنه بمبار جا جزا لاهور ڊي اين اي ۽ فورنزڪ ٽيسٽ لاءِ روانا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته وزيراعليٰ ڄام ڪمال خان پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. هزاره برادري جي نمائندن جو چوڻ آهي ته سند برادري جا سوين ماڻهون ڪيترن ٽارگيٽيڊ حملن ۾ مارجي ويا آهن حڪومت هر ڀيري همدردي جا ٻول ڏئي، تعزيت ڪري مجرمن جي جلد گرفتاري جو بيان ڏئي چپ ڪري ويهي ٿي. اسين پڇون ٿا ته آخر حمله آور گرفتار ڇو نه ٿا ٿين؟. واضح رهي ته گذريل جمع تي سبزي منڊي ۾ ٿيل حملي ۾ 20 ماڻهون مارجي ويا هئا ۽ 48 زخمي ٿيا هئا، جن ۾ اڪثريت هزاره برادري جي هئي. هزاره برادري اهل تشيع سان تعلق رکي ٿي. وحدت المسلمين به سندن ڌرڻي جي حمايت ڪئي آهي. ڪوئٽا شهر کي سنڌ سان ملائيندڙ باءِ پاس بند ڪئي وئي هئي. ڇنڇر تي وفاقي وزير علي زيدي وزيراعظم عمران خان پاران وٽن تعزيت لاءِ آيو هو ۽ هن ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي پر هنن نه مڃو. ڌماڪي جي ذميواري تحريڪ طالبان قاري حسين گروپ ۽ داعش قبول ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو