هر سال گيس جا 9 سيڪڙو ذخيرا ختم ٿي رهيا آهن، فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سستي گيس جي عادي ماڻهن کي پنهنجون عادتون تبديل ڪرڻيون پونديون، ڪجهه سالن ۾ گئس نه ملندي.ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ووٽنگ مشين جو معاملو پيپلز پارٽي جي حڪومت 2012ع ۾ اٿاريو هو، 2016ع ۾ به ووٽنگ مشين جي ڳالهه نواز حڪومت ۾ ٿي هئي.هن چيو ته هو اليڪشن ڪميشن کي اي وي ايم فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اي وي ايم جون 4 هزار مشينون ڪو مسئلو ناهي، اليڪشن ڪميشن جيئن ئي ٿرڊ پارٽي جو انتظام ڪندي ته مشينون اينديون. وفاقي وزير چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ ايتري گهٽتائي ناهي آئي جو هتي به اثر پوي، دعا ڪريو ته تيل جون قيمتون وڌيڪ هيٺ اچن.هن چيو ته گيس ۾ هر سال 9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي رهي آهي، ڪجهه سالن ۾ گئس نه هوندي، سستي گيس جا عادي ماڻهن کي پنهنجون عادتون تبديل ڪرڻيون پونديون.وفاقي وزير چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ گوادر جي مسئلن تي به غور ڪيو ويو، وفاقي وزير اسد عمر ۽ زبيده جلال گوادر ويندا ۽ وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو