هرشيل گبز ڪي پي ايل کيڏڻ لاءِ مظفرآباد پهچي ويو

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جو اڳوڻو ڪرڪٽر ڀارتي ڌمڪيوون نظر انداز ڪندي ڪشمير پريميئر ليگ يعني ڪي پي ايل کيڏڻ مظفر آباد پهچي ويو. اوورسيز واريئرز جي مالڪ ذاڪر علي کيس 4 نمبر جي شرٽ پيش ڪئي. ڀارتي ڪرڪٽ بورڊ ڪي پي ايل کي ناڪام بنائڻ لاءِ ڪيترن ئي انٽرنيشنل ڪرڪٽرز کي روڪيو هو ۽ چيو هو ته خلاف ورزي ڪندڙن کي ڀارت اچڻ نه ڏنو ويندو. انهن ڌمڪين جو هرشل گبز ڦاٽ ڦاڙيو. سريلنڪا جي رانديگر تلڪارتني دلشان کي به ڀارت روڪيو هو. گذريک ڏينهن ڪي پي ايل جو افتتاح ٿيو ۽ پهريون ميچ راولا ڪوٽ هاڪس ميرپور رائلز کي 43 رنز تان شڪست ڏئي کٽي ورتو. ميرپور جي ڪپتاني شاهد آفريدي ۽ راولا ڪووٽ جي ڪپتاني شعيب ملڪ ڪئي. شعيب ملڪ 74 رنز جي شاندار اننگ کيڏي. ٻيو ميچ باغ اسٽالنز ۽ ڪوٽلي لائنز ۾ اڄ کيڏيو ويندو. ڪي پي ايل ميچز جو شيڊول

پهنجو تبصرو موڪليو